پاڪستانسنڌ

چيلهار لڳ آر او پلانٽ ورهين کان خراب، ڳوٺاڻا پاڻي لا پريشان

چيلهار: چيلهار ويجهو 2 هزار کان وڌيڪ آبادي رکندڙ ڳوٺ اڪليون ۾ 15 ڪروڙ جي لاڳت سان لڳايل 50 هزار گيلن جو آر او پلانٽ گذريل وڏي عرصي کان ناڪارا هجڻ ڪري رهواسي رمضان مهيني ۾ سخت مشڪلاتن جو شڪار آهن. ان ڏس ۾ ڳوٺاڻن صوفي آفتاب سميجو، ماجد سميجو، منظور سميجو، هندال سميجو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان جو ڳوٺ 2 هزار کان وڌيڪ آبادي رکندڙ آهي، ڳوٺ ۾ پاڻي لا لڳايل آر او پلانٽ به گذريل وڏي وقت کان ناڪارا بڻيل آهي، سانڏهور موڙ کان ڳوٺ ڏانھن ايندڙ لنڪ روڊ به تباهي جو شڪار آهي، اسان مختلف وقتن تي احتجاج ڪيا، پر ڪير دانهن نٿو ٻڌي. ڳوٺ ۾ لڳل آر او پلانٽ غير فعال هجڻ ڪري پيئڻ جي پاڻي ۽ مال جي پاڻي لا سخت پريشان آهيون، سنڌ حڪومت ٿر جي آر او پلانٽن جي مرمت جو ٺيڪو اوصلو ڪمپني نالي نجي ڪمپني حوالي ڪيو آهي، جنهن جا سمورا عملدار گم آهن. ڳوٺاڻن چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڳوٺ جو آر او پلانٽ ٺهرائي پاڻي فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button