پاڪستانسنڌ

جهڏي ۾ جي ڊي اي ڪائونسلر جو چوري نه موٽرائڻ تي پوليس خلاف احتجاج

جهڏو: جهڏو جي يوسي گنيرو جي ڪائونسلر جي ڊي اي اڳواڻ شمن خان لغاري ميڊيا سينٽر اڳيان پوليس خلاف احتجاج ڪيو. ان موقعي تي صحافين آڏو دانهيندي هن چيو ته هفتو اڳ چور ڳوٺ ۾ منهنجي ريزڪي دڪان جا تالا ٽوڙي اڍائي لک رپين جو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا، مون پوليس کي پيرين جي مدد سان چورن جي نشاندهي ڪرائي، پوليس ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪيو، پر بعد ۾ پوليس جوابدارن کي ڏيتي ليتي ڪري آزاد ڪيو، مون کي مقامي پوليس سياسي بنيادن تي نظرانداز ڪري پئي. هن ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص کي اپيل ڪئي ته چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي ملوث جوابدارن ۽ پوليس خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button