اسلام آبادپاڪستان

ملڪي صنعتون واڌو ٽيڪسن سبب تباهه ٿي رهيون آهن:چيف جسٽس

اسلام آباد : چيف جسٽس آف پاڪستان ڪيس جي شنوائي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته ملڪي صنعتون واڌو ٽيڪسن سبب تباهه ٿي رهيون آهن.سنڌ سيلز ٽيڪس 2011 خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواستن جي شنوائي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته صنعتن تي واڌو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي معاملي کي به ڏسڻ جي ضرورت آهي. ملڪ جون صنعتون واڌو ٽيڪسن سبب تباهه ٿي رهيون آهن. سنڌ روينيو بورڊ جي درخواست تي ڪيس جي شنوائي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ ڪئي، پوءِ عدالت ڪيس کي وڌيڪ شنوائي لاءِ جون جي پهرئين هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته سنڌ حڪومت 2011 کان سروسز تي سنڌ سيلز ٽيڪس لاڳو ڪيو هو، جنهن تي نجي ڪمپنين ان کي چئلينج ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button