پاڪستانسنڌ

مسڻ ۾ پوليس جون ڪاروايون، 2 منشيات فروش گرفتار، ڪيس داخل

مسڻ وڏي: مسڻ ٿاڻي جي ايس ايڇ او نورالدين ملاح جي اڳواڻي ۾ پوليس يوسي سلطان آباد جي ڳوٺ حاجي لکانو ڪوري ڀرسان ڪچي شراب جي بٺي تي ڇاپو هڻي 410 ليٽر ڪچو شراب هٿ ڪري جوابدار امرشي پٽ کامو ڪولهي کي گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيو. ٻئي پاسي پوليس گشت دوران اي ايس آئي اسلم مهيسر چيڪنگ ڪندي ھشو ڪولهي کي 100 مين پڙين سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو. ان تي ايس ايڇ او مسڻ نورالدين ملاح ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايس ايس پي سليم شاھه جي هدايت تي منشيات فروشن ۽ ڏوهارين خلاف ڪاروائي ڪئي پئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button