پاڪستانسنڌ

ٽنڊوآدم ۾ عورت جو اڳوڻي مڙس خلاف احتجاج، ڌي جي اغوا جو الزام

ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم جي ٽنڊو الهيار روڊ واري علائقي جي رهواسڻ بلقيس زال اياز پٺاڻ پنهنجي 10 ورهين جي معصوم ڌي سان گڏ پريس ڪلب پهچي اڳوڻي مڙس شاهنواز ملوکاڻي خلاف احتجاج ڪيو. هن دانهيندي چيو ته اڳوڻي مڙس 10 سال اڳ طلاق ڏني، جنهن مان هڪ ڌي جو اولاد آھي. گذريل ڏينهن اڳوڻي مڙس پنهنجي ڌي سان ملڻ ٿي چاهيو، جنهن کي ملائڻ لا وٺي پئي ويس ته هن رستي مان ئي ڌي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ ڪيتري دير روڊ تي گهليندو رهيو، ماڻھن پهچي جان ڇڏرائي. اڳوڻو مڙس موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آھي. سٽي پوليس مدد نٿي ڪري. هن ايس ايس پي سانگهڙ کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button