پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۾ پينشن بند ٿيڻ خلاف بيوهه جو احتجاج

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ ھيرآباد جي رھواسي بيوھه عورت اجيمت بجير صحافين اڳيان احتجاج ڪيو. هن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته منھنجو مڙس محمد عمر بجير سنڌ رينجرس ۾ هو، جيڪو 5 سال اڳ فوت ٿي ويو، ان جي پينشن ملندي هئي، جيڪا 6 مهينن کان بند آهي. ھن ٻڌايو ته کيجراڙي واسي قمر شاھه، صوفي شاهھ ۽ صالح شاهھ مون کي اچي ٻڌايو ته اوھان جي اڪائونٽ ۾ پئسا آيا آھن، اچو ته اوهان کي ڪڍرائي ڏيون، آئون انھن سان گڏجي بئنڪ ويس، جتي انھن مون کان هڪ بلينڪ چيڪ ورتو، پو ھنن ڪيترا پئسا ڪڍرايا، مونکي خبر ناہي، مون کي رڳو هڪ لک رپيا ڏئي روانو ڪيو ويو، جنهن بعد پينشن اچڻ بند ٿي وئي، هاڻ ٻارن سميت بکن تي آهيان، مختلف عملدارن کي درخواستون ڏنيون، پر ڪير به ٻڌڻ لا تيار ناهي. ھن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته جاچ ڪري پينشن شروع ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button