اسلام آبادپاڪستان

پنجاب ۾ چونڊن لاءِ فنڊن جي عدم فراهمي،حڪومت ۽ اسٽيٽ بئنڪ کي نوٽيس

اسلام آباد :پنجاب ۾ چونڊن لاءِ فنڊن جي عدم فراهمي تي سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل، اسٽيٽ بئنڪ گورنر، ناڻي واري سيڪريٽري ۽ اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته چونڊن لاءِ فنڊن جي فراهمي توهين عدالت جي ڪارروائي کان وڌيڪ اهم آهي پر اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ موجب وفاقي حڪومت فنڊ فراهم ناهن ڪيا، جيڪا عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي آهي، جنهن جا نتيجا قانون ۾ واضح آهن. چيف جسٽس سڀني آفيسرن کي 14 اپريل تي چيمبر ۾ طلب ڪري ورتو آهي ۽ اسٽيٽ بئنڪ گورنر کي موجود وسيلن بابت سمورا تفصيل گڏ آڻڻ جو حڪم ڏنو آهي.عدالت ناڻي واري سيڪريٽري کي به سموري رڪارڊ سان گڏ اچڻ جي هدايت ڪندي پڇاڻو ڪيو آهي ته ٻڌايو وڃي سپريم ڪورٽ تي حڪمن تي عمل ڇو نه ڪيو ويو؟ عدالت اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي چونڊن جي حوالي سان به سمورو رڪارڊ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button