پاڪستانسنڌ

مقصودورند لڳ زميندار جو واٽر ڪورس مان لاش مليو

مقصودو رند: مقصودو رند ويجھو ڳوٺ ليمون فقير سنجراڻي ۾ واٽر ڪورس مان زميندار غلام محمد پنڃارو جو لاش ھٿ آيو، لاش کي ڳوٺاڻن ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو، جنھن تي مقصودو رند پوليس لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، اطلاع تي وارث وڏي انگ ۾ اسپتال پهچي ويا، غلام محمد جي سئوٽ مير محمد پنڃارو ميڊيا کي ٻڌايو ته برادري جي ماڻھن پاران گذريل 3 سالن کان واٽر ڪورس ۾ پاڻي بند ڪرڻ سبب سئوٽ غلام محمد انتهائي پريشان هو، اڄ ڳوٺ ڀرسان گذرندڙ واٽر ڪورس مان سندس لاش مليو آهي، معاملي جي شفاف جاچ ڪئي وڃي. جڏھن ته پوليس جو چوڻ آهي ته لاش واٽر ڪورس مان ڪڍرائي اسپتال منتقل ڪيو آهي، پوسٽ مارٽم ڪرايو ويندو، حتمي رپورٽ اچڻ بعد ئي موت جو اصل ڪارڻ معلوم ٿي سگهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button