پاڪستانسنڌ

سامارو ۾ بسون بند ٿيڻ خلاف شاگردن جو احتجاجي ڌرڻو

سامارو: سامارو کان پٿورو روٽ تي ھلندڙ مسافر بسون بند ٿيڻ خلاف مختلف اسڪولن جي شاگردن وارثن ۽ ڳوٺاڻن سان گڏ راهوآباد اسٽاپ تي مين روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي لالجي ڪولهي، چيتن ڪولهي، محمد خان، ڊاڪٽر قاسم انڙ، روپچند ۽ ٻين شاگردن ۽ ڳوٺاڻن ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته پٿورو کان سامارو روٽ تي هلندڙ بسون بند ڪيون ويون آھن، جن جي جڳھه تي ھاڻ چنگچي رڪشا هلڻ شروع ٿيا آھن، پير سرهندي اسٽاپ، راهوآباد، حنيف آباد ۽ ٻين علائقن کان سوين شاگرد ۽ شاگردياڻيون روز سامارو شھر جي ھائي اسڪول ھائير سيڪنڊري اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ وڃن ٿا، روڊ تي هلندڙ بسون بند ٿيڻ ڪري ٻن مهينن کان روز ڪلاڪن جا ڪلاڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون پريشان ٿيڻ بعد گهر واپس وڃن ٿا، جنھن سبب تعليم سخت متاثر ٿي رھي آھي، مهانگائي سبب اسان چنگچي ۾ روز سئو رپيا ڀاڙو نٿا ڏئي سگهون. ھنن اعلى اختيارين کان گھر ڪئي ته پٿورو کان سامارو روٽ تي بسون ھلرايون وڃن يا سرڪاري طور شاگردن لا بسون فراهم ڪيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button