اسلام آبادپاڪستان

سپريم ڪورٽ رولز ۾ ترميم خلاف درخواستن تي لارجر بئنچ قائم

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل 2023 خلاف درخواستون شنوائي لاءِ مقرر ٿي ويون آهن. سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل خلاف درخواستن جي شنوائي لاءِ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 8 رڪني بئنچ جوڙي وئي آهي، درخواستن تي شنوائي 13 اپريل خميس ڏينهن ٿيندي. جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس مظاهر نقوي، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عائشا ملڪ، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس شاهد وحيد به بئنچ ۾ شامل آهن. هلندڙ ڏينهن ۾ اختلافي نوٽ لکندڙ ڪنهن به جج کي لارجر بينچ ۾ شامل ناهي ڪيو ويو. واضح رهي ته سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل خلاف چوڌري غلام حسين ۽ راجا عامر خان سميت 4 درخواستون داخل ڪيون ويون هيون، جنهن ۾ وفاق، قانون واري وزارت، وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري ۽ صدر عارف علوي جي پرنسپل سيڪريٽري کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل 2023 بدنيتي تي ٻڌل ۽ آئين سان فراڊ آهي، انهي غيرقانوني ۽ غيرآئيني قرار ڏيندي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button