پاڪستانسنڌ

ٽنڊوالهيار ۾ روڊ حادثو، بيوهه جي اڪيلي پٽ سميت 2 نوجوان فوت

ٽنڊوالهيار: ٽنڊوالهيار ۾ روڊ حادثي ۾ بيوه عورت جي اڪيلي پٽ سميت 2 نوجوان فوت ٿي ويا. هڪ نوجوان سخت زخمي ٿي پيو. ان سلسلي ۾ ٽنڊوالهيار ۾ ٽنڊوآدم روڊ جي نصير واهه موري تي حيدرآباد کان خريداري ڪري واپس پنهنجي ڳوٺ ٽنڊو سومرو ويندڙ 21 ورهين جي علي مختيار نظاماڻي ۽ عثمان شاهه هڙي مان فٽبال ٽورنامينٽ تان واپس ٽنڊوالهيار ايندڙ 125 موٽرسائيڪل تي سوار جنيد بلوچ پٽ رسول بخش بلوچ ۽ انس بلوچ پٽ جان محمد ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو، جنهن سبب بيوه عورت جو اڪيلو پٽ 21 ورهين جو علي بختيار نظاماڻي پٽ مرحوم بابو نظير نظاماڻي ۽ نوجوان جنيد بلوچ موقعي تي فوت ٿي ويا ۽ انس بلوچ مرڻينگ ٿي پيو، فوتين جا لاش ۽ زخمي کي مقامي اسپتال آندو ويو، جتان زخمي کي حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. ٻئي طرف فوتي نوجوان جنيد ۽ زخمي انس بلوچ جي وارثن جو چوڻ ھو ته عثمان شاھه ھڙي ۾ فٽبال جو نائيٽ ٽورنامينٽ ھو، جتان نوجوان راند ڪري پنھنجي گھر واپس اچي رھيا ھئا ته نصيرواھه جي پل وٽ حادثو پيش آيو. ايس ايڇ او اي سيڪشن طفيل احمد جلالاڻي چيو ته جنيد بلوچ، انس بلوچ ۽ بختيار نظاماڻي پاڻ ۾ دوست آھن، اٽڪل 20 موٽرسائٔيڪلون تيز رفتاري ۾ اچي رھيون ھيون، جنهن سبب پاڻ ۾ ٽڪرائٔجي ويون، حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو. فوتي جنيد بلوچ ۽ زخمي انس بلوچ اسٽيشن واري علائقي جا رھواسي آھن، فوتي علي بختيار نظاماڻي ٽنڊوسومرو جو رھواسي آھي، ٻنھي فوتين جا لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. حادثي بابت ڄاڻ ملي آهي ته علي بختيار نظاماڻي موٽرسائيڪل تي ٽنڊوالهيار ويو، جتان دوستن سان ڪار ۾ حيدرآباد پهچي عيد جي خريداري ڪئي ۽ واپس ٽنڊوالهيار آيو، جتان موٽرسائيڪل تي واپس پنهنجي ڳوٺ ٽنڊو سومرو اچي رهيو هو ته عثمان شاهه هڙي مان فٽبال ٽورنامينٽ تان 10 کان 15 موٽرسائيڪلون تيز رفتاري سان ٽنڊوالهيار اچي رهيو هيون ته اڳئي 125 موٽرسائيڪل سوارن علي بختيار نظاماڻي کي ٽڪر هنيو، جنهن سبب علي بختيار نظاماڻي، 125 موٽرسائيڪل تي سوار جنيد بلوچ ٿڏي تي فوت ۽ انس بلوچ زخمي ٿي پيو. گهڻي دير ٿيڻ تائين گهر اطلاع نه ڏيڻ تي علي بختيار نظاماڻي جي بيوهه ما سندس موبائول نمبر تي ڪال ڪئي ته هڪ پوليس اهلڪار فون اٽينڊ ڪيو ۽ کيس آگاهه ڪيو ته حادثي ۾ علي بختيار فوت ٿي ويو آهي. نوجوان علي بختيار جي جنازي نماز صبح ڳوٺ ٽنڊو سومري ۾ ادا ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button