پاڪستانسنڌ

ڏاهلي لڳ ناري جو لاش هٿ اچڻ تي مڙس تي قتل جو شڪ ظاهر

ڇاڇرو: ڏاهلي ڀرسان ڳوٺ آسراڙيو ۾ 36 سالن جي ٽن ٻارن جي ما جميلان زال سراج الدين سميجو جو مٺي جي سول اسپتال ۾ 17 ڪلاڪن بعد پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش ڀا اقبال سميجو، چاچي ۽ ٻين وارثن حوالي ڪيو ويو، ناري جي مائٽن کيس قتل ڪرڻ جو مڙس ۽ ٻين مٿان شڪ ظاهر ڪيو. اقبال سميجو چيو ته منهنجي ڀيڻ کي مڙس سراج سميجو ۽ ڏيرن تشدد ڪري قتل ڪيو آهي، انصاف ڪيو وڃي. ناري کي مڙس سراج سميجو ۽ ان جي ڀا احسان سميجو ۽ هڪ سئوٽ ٽنهي ڄڻن گڏجي تشدد ڪري قتل ڪيو، پوري جسم تي تشدد جا نشان موجود آهن، هڪ ٻانهن به ٽٽل آهي، چهري ۽ ڄنگهن تي تشدد جا نشان موجود آهي، بعد ۾ لاش کي ڦاهو ڏئي آپگهات جو رنگ ڏنو ويو آهي، معاملي جي شفاف جاچ ڪري قتل جو ڪيس داخل ڪري اسان غريبن سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button