پاڪستانسنڌ

چيلهار ۾ ناشاد سمون جي ياد ۾ ميڙاڪو، ڀيٽا پيش

چيلهار: چيلهار جي رائيچند راٺوڙ لائبرري ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ پاران نوجوان شاعر ۽ ليکڪ ناشاد سمون جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ خطاب ڪندي سنڌي ادبي سنگت شاخ جي سيڪريٽري پيارو شيواڻي چيو ته ناشاد جي شاعري جي هڪڙي سٽ آپڻو موريو مري گيو ٿر ۾ جتي به مور مرندا، اتي اها سٽ ذهن تي تري ايندي، ڪلچر کاتي کي لکنداسين ننگرپارڪر ۾ لائبرري جو نالو ناشاد رکيو وڃي. ڀارو مل امراڻي چيو ته ناشاد اسان جي چوياري جو خوبصورت گل هو، جنهن جي يادن کي گڏ کڻي انهي قافلي کي روان دوان رکڻ جو عزم ڪيون ٿا. اڳوڻي ٽائون چيئرمين پرديپ ڪمار اوجها ڳالهائيندي چيو ته ناشاد هڪ وڏي شخصيت هو. شهاب نهڙيو چيو ته ناشاد سمون جي اڪثر شاعري وڇوڙي تي آهي، هو پنهنجو علمي ادبي پورهيو اسان جي وچم ڇڏي ويو آهي. اهڙي طرح گوبند چيلاڻي، دولت رام کتري، ڊاڪٽر عبدالعزيز ڪنڀر، دليپ ڪمار جئپال، نندلال روهيل، گووند گل ۽ ٻين خطاب ڪندي ناشاد جي ادبي پورهيي کي ساراهيندي وڇوڙي تي گهيري ڏک جو اظهار ڪيو. ميڙاڪي ۾ مشتاق قاسماڻي، سيتارام سوٽهڙ، معشوق عمراڻي، راجيش ڇانگاڻي، مٺو مل پرمار، دليپ سنڌي، ڀورو خان ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button