پاڪستانسنڌ

سامارو روڊ لڳ نوجوان گهر اندر گولي لڳڻ سبب فوت

سامارو: سامارو روڊ لڳ ڳوٺ حاجي دلاور بنگلاڻي جو رهواسي 18 سالن جو نوجوان نادر علي پٽ راڻو خان بنگلاڻي گھر اندر پيٽ ۾ گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارث کڻائي سامارو اسپتال اچي رهيا هئا ته نوجوان رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪيو. اسپتال ۾ ڊاڪٽرن نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي نوجوان جو لاش پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، پر وارثن نوجوان جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليس لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو. ان موقعي تي نوجوان جي پي راڻو خان بنگلاڻي ۽ چاچي سراج بنگلاڻي صحافين ۽ پوليس کي ٻڌايو ته اسان جو نوجوان نادر علي بنگلاڻي گھر اندر پسٽل صاف ڪري رھيو ته پسٽل مان اتفاقي گولي لڳڻ سبب فوت ٿيو آهي، اسان ڪابه ڪاروائي ڪرائڻ نه ٿا چاهيون. هوڏانهن لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو. پوليس ٻڌايو ته واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button