پاڪستانسنڌ

سامارو ۾ زمين تي قبضي خلاف رهواسين جو مظاهرو

سامارو: سامارو ۾ يوسي ٽوڀن واري جي ديهھ لولان جي ڳوٺ پوڙھو ڪپري جي رھواسين جان محمد ڪپري، گل محمد ڪپري، نياز محمد ڪپري، مير محمد ڪپري، اڀريو مورو ڪپري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي شاھه لطيف چوڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي جان محمد ڪپري، نياز محمد ڪپري ۽ ٻين دانھيندي چيو ته اسان جي پاڙيسري زميندارن علاوالدين قائمخاني، اظھر قائمخاني، محفوظ قائمخاني، بابر قائمخاني، دانش قائمخاني ۽ ٻين اسان جي 8 ايڪڙ زمين جا جعلي ڪوڙا ڪاغذ ڏيکاري قبضو ڪيو آهي، ڄاڻايل جوابدارن اسان جي ٻي زمين جو به زوري پاڻي وھائي رھيا آھن، زمين ۽ پاڻي واري معاملي تي عمرڪوٽ جي سول ڪورٽ ۾ سول سوٽ ھلندڙ آھي، ڪيس تان ھٿ کڻڻ لا ڄاڻايل ڌر سامارو ٿاڻي تي اسان خلاف ھڪ لک 75 ھزار ڦر ڪرڻ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، هاڻ ڌمڪائين پيا. ھنن ايس ايس پي عمرڪوٽ کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button