پاڪستانسنڌ

ٽنڊو جان محمد ۾ نوجوان جو لاش مليو، قتل جو شڪ

ٽنڊو جان محمد: ٽنڊو جان محمد جي جھڏو مين روڊ تي نوجوان جو لاش مليو، اطلاع تي پوليس پھچي لاش اسپتال منتقل ڪيو، پوليس کي ڪپڙن جي تلاشي دوران کيسي مان سڃاڻپ ڪارڊ ۽ موبائل فون مليو، پوليس موجب نوجوان جي سڃاڻپ 26 سالن جي آسن پٽ روو ميگھواڙ طور ٿي، سندس والد روو ميگھواڙ طرفان قتل جو خدشو ظاھر ڪرڻ تي پوليس وارثن کي پوسٽ مارٽم لا ليٽر جاري ڪيو، جنهن بعد وارثن اسپتال مان لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو. پوليس ٻڌايو ته واقعو ظاھري طور روڊ حادثو لڳي پيو، پو به پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي، رپورٽ اچڻ بعد حقيقت سامهون ايندي. نوجوان جي پي روو ميگھواڙ چيو ته پٽ بدين فئڪٽري ۾ ڪم ڪندو هو، 3 ڏينھن اڳ ڳوٺ آيو ھو، شڪ آهي ته پٽ کي ماريو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button