پاڪستانسنڌ

بچو بادشاهه ڪابينا جوڙي دنيا سطح تي مڃتا ماڻي:مير عالم مري

سانگهڙ: بچو بادشاهه پيرو وزير ۽ سندن 12 رُڪني ڪابينا انگريز دور ۾ 1880ع کان ستن سالن تائين سانگهڙ سرڪار نالي حڪومت قائم ڪري مکي ٻيلي ۾ ان جو هيڊڪوارٽر ڪيو ۽ انگريزن کي ٽوٽا چپائي دنيا ليول تي مڃتا ماڻي، پر ان وقت جي سنڌ جي وڏن ماڻهن پير علي محمد شاهه راشدي جي زير اثر پاڳارا خاندان ۽ حر تحريڪ کي چيڀاٽڻ ۾ انگريزن جو وڏو ساٿ ڏنو، جنهن سان خاص طور حرن جو وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو ۽ سنڌي قوم اڄ تائين ان جو ازالو نه ڪري سگهي آهي. اهڙو اظهار ناليواري سڄاڻ شخصيتن ڊاڪٽر مير عالم مري، محمد جمن گجو، فقير مير محمد نظاماڻي، عاجز منگي، استاد نظاماڻي ۽ ولي محمد خاصخيلي سانگهر سجاڳي فورم ۽ سورهيه بادشاهه يادگار ڪميٽي سانگهڙ پاران حر هلچل جي انقلابي گوريلا ڪمانڊرن شهيد پيرو وزير، شهيد تڳيو چانگ ۽ شهيد گلو موچي جي 127 هين يوم شهادت جي تقريب کي سانگهڙ لڳ منصورن فقيرن جي آخري آرام گاهه تي خطاب ڪندي ڪيو. هنن چيو ته حرن پير صبغت الله شاهه اول کان شهيد سورهيه بادشاهه تائين پاڳارا خاندان جي چئن گادين انگريزن جي 1843ع کان سنڌ تي قبضي خلاف مزاحمت شروع ڪئي ۽ آڻ نه مڃي، پر افسوس آهي جو اسان جو نئون نسل ڌرتيءَ جي آجپي لاءِ هڪ سئو سالن تائين هلايل ان انقلابي تحريڪ کان صحيح طور واقف ناھي. ان موقعي تي مهراڻ راڄڙ، مجيد مڱرئي، امجد عاجز منگي ۽ ٻين پڻ ويچار ونڊيا ۽ سارنگ نظاماڻي شهيدن کي شاعري ذريعي ڀيٽا پيش ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button