پاڪستانسنڌ

سانگهڙ ويجهو فصل جي ڀيل تان سئوٽ هٿان سئوٽ قتل

سانگھڙ: سانگهڙ ويجھو مال جي ڀيل تان سئوٽ هٿان نوجوان سئوٽ قتل ٿي ويو. سانگھڙ ويجھو سانگھڙ ٿاڻي جي حد ڳوٺ قاسم بگٽي ڀڳ ۾ مال جي ڀيل تان جھيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ نوجوان شان علي بگٽي پسٽل جون گوليون لڳڻ سبب قتل ٿي ويو. مقتول نوجوان جي پي عبدالرزاق ٻڌايو ته سڳن سئوٽن سان مال جي ڀيل تان جهيڙو ٿيو هو، جنهن بعد مخالفن اسان مٿان ڦر جي ايف آئي آر داخل ڪرائي ھئي، اڄ وري جهيڙو ٿيو، جنهن دوران سڳي سئوٽ عرفان بگٽي منهنجي پٽ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، مقتول جو لاش پوليس سانگھڙ سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button