اسلام آبادپاڪستان

سپريم ڪورٽ پارليامينٽ جي معاملن ۾ مداخلت ڪندي ته ان جون حدون به اورانگهبيون:اسپيڪر

اسلام آباد :قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته سپريم ڪورٽ پارليامينٽ جي معاملن ۾ مداخلت ڪندي ته ان جون حدون به اورانگهيون وينديون. پي ٽي آ جي استعيفائن تي نظرثاني نٿي ٿي سگهي، عدالت جيڪڏهن پي ٽي آ جي حق ۾ فيصلو ڏي ته اسيمبلي واپس اچي سگهن ٿا. هڪ نجي ويب سائيٽ کي ڏنل انٽرويو ۾ ڳالهائيندي راجا پرويز اشرف چيو ته پارليامينٽ جي قانونسازي کي ناهي مڃڻو ته پو اليڪشن جو مذاق به بند ڪيو وڃي. پارليامينٽ سپريم ڪورٽ جي آئين کان مٿانهين فيصلي کي مڃڻ کان انڪار به ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته پارليامينٽ کي جهڪائڻ واري رويي جا خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا. چيف جسٽس ادارن وچ ۾ ٽڪرا جي ماحول کي گهٽائي، عدليا کي پارليامينٽ کي جواب در جواب نه ڏيڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت به پنهنجي هٺ ڌرمي ختم ڪري سياستدان ويهي گڏجي اليڪشن تي ڳالهه ٻولهه ڪن. چونڊون ٻن مهينن بعد جو مسئلو ناهي، پر مسئلو هي آهي ته چونڊون شفاف ٿين. آئون اهو سمجهڻ کان لاچار آهيان ته فل ڪورٽ ٺاهڻ ۾ عار ڪهڙو آهي. 3 بدران 17 جج ڪيس جي شنوائي ڪندا ته غيريقيني ختم ٿي ويندي. هن چيو ته آرمي چيف آئين ۽ پارليامينٽ جي بالادستي تي يقين جو اظهار ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button