سنڌ

بخشاپور ۾ قبيلائي دهشتگردي ۾ 5 ڪونڌر قتل، 5 ڄڻا زخمي

بخشاپور ۾ قبيلائي جھيڙي ڪر کنيو، 5 ڪونڌر ڪسجي ويا، 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ٿاڻي ويجهو علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، پوليس خوف سبب ٻاھر نه نڪتي. خبر موجب بخشاپور ويجھو شھر جي مصروف ترين علائقي ۽ ٿاڻي جي لڳ انڌي ڦاٽڪ اسٽاپ وٽ ڊومڪي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران ٻنھي ڌرين ھڪ ٻي مٿان ھٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا ۽ وچ روڊ تي انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڇڏي، ٻنھي ڌرين ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ اڌ ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت تائين ھلندي رھي پر بخشاپور ٿاڻي تي موجود وڏو منشي توڙي پوليس عملدار خوف وچان ٻاھر ئي نه نڪتا، ٻنھي ڌرين ۾ فائرنگ دوران ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، ۽ علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، جڏهن ته انڌي ڦاٽڪ اسٽاپ وٽ دڪاندارن پنهنجا دڪان بند ڪري ڇڏيا ۽ ماڻهو پنهنجي گھرن تائين محدود ٿي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران جيڪي ماڻهو زخمي ٿيا، اھي نٽھڻ اس ۾ وچ روڊ تي تڙپندا رھيا، پوليس خاموش تماشائي بڻيل رھي، جڏهن ته فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ ڪري 2 ڄڻا عيدن ڊومڪي ۽ برڪت ڊومڪي ٿڏي تي قتل ٿي ويا، جڏهن ته 2 ڄڻا پير بخش ڊومڪي ۽ نور احمد ڊومڪي لاڙڪاڻو جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويا، جھيڙي ۾ زخمي ھڪ نوجوان ڌڻي بخش ڊومڪي رحيم يار خان جي اسپتال ويندي رستي ۾ فوت ٿي ويو، جنهن بعد جھيڙي ۾ قتل ٿي ويل ماڻهن جو انگ 5 ٿي ويو، ٻنھي ڌرين جي فائرنگ ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ مختيار ڊومڪي، طارق ڊومڪي، ذاڪر ڊومڪي، علم الدين ڊومڪي شامل آهن، پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مارجي ويلن جا لاش بخشاپور اسپتال منتقل ڪيا، جڏهن ته زخمين کي طبي امداد لا ڪشمور جي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ٽن ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان جي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻئي پاسي بخشاپور پوليس ٿاڻي جو وڏو منشي گپ شپ ۾ مشغول رھيو، ڪيترائي ڀيرا سندس موبائل نمبر تي رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر وڏي منشي فون ڪال اٽينڊ ڪرڻ جي زحمت ئي نه ڪئي. ڀروسي جوڳن ذريعن کان ڄاڻ ملي آهي ته ڊومڪي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪيترن ئي سالن کان زمين جي تڪرار تان جھيڙو ھلندڙ آهي ۽ عيد ويجهو اچڻ ڪري جھيڙي ھڪ ڀيرو ٻيھر ڪر کنيو، جنهن ۾ 5 ڄڻا قتل ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿيا آھن، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل ڪو نه ٿي سگھيو آهي ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگھي آهي. هوڏانهن متاثر ڌر جي محمد پناهه ڊومڪي “سنڌ ايڪسپريس” سان ڳالھائيندي چيو ته ڪجهھ سال اڳ اسان جو ڦلواڻي برادري سان خوني تڪرار ھلندڙ ھو، ان جو فيصلو منظور پنھور جي سر پئنچي ۾ ٿيو ھو، جنهن بعد اسان ۽ ڦلواڻي ڌر کير کنڊ ٿي ويا سين ۽ ڌرين ۾ خير ٿيو ھو. ھن چيو ته اڄ جيڪو خوني جھيڙو ٿيو آهي، اھو سوشل ميڊيا تي گارگند سبب ٿيو آهي. ھن چيو ته سوشل ميڊيا تي گارگند کان پو ڌرين ۾ لٺبازي ٿي، جيڪا اڄ ھٿيارن تائين پھچي وئي، ھن چيو ته ڦلواڻي ڌر ھٿيارن جا منهن کولي ناحق اسان جا جوان ماريا آهن، اسين امن پسند آھيون، ڪنهن سان به ناحق جھيڙو ڪرڻ نٿا چاھيون. ھن چيو پوليس وقت سر واقعي واري ھنڌ پھچي وڃي ھا ته اسان جا ڪونڌر ناحق مارجڻ کان بچي وڃن ھا ۽ حالتون اھڙيون پيدا نه ٿين ھا. هوڏانهن لاڙڪاڻو اسپتال ۾ زخمين کي کڻائي آيل خالد حسين ڊومڪي ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جو ڌڻي بخش ڊومڪي وارن سان پراڻو سڱاوتي تڪرار هلندڙ هو پر سال 2019ع دوران سردار منظور خان پنهور جي سرپئنچي ۾ تڪرار جو نبيرو ڪيو ويو. هن چيو ته ٺاهه باوجود اڄ ڌڻي بخش ڊومڪي، ڇلو، جمن، غلام رسول، بخت علي، عبدالله ڊومڪي ۽ ٻين هٿيار ساڻ ڪري اسان جي ماڻهن مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 نوجوان عيدن، برڪت ۽ پير بخش ڊومڪي قتل ٿي ويا آهن ۽ 7 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا آهن، جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ ڪشمور کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان جي ماڻهن کي قتل ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪري کين گرفتار ڪري سزا ڏئي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button