جماعت اسلامي طرفان عام چونڊن جي تاريخ بابت اتفاق پيدا ڪرڻ لا عيد کانپو آل پارٽيز ڪانفرنس (اي پي سي) ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب اي پي سي جماعت اسلامي جي قيادت ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته عمران خان ۽ وزيراعظم شهباز شريف کي پڻ اي پي سي ۾ سڏائڻ لاءِ رابطا شروع ڪيا ويا آهن. ذريعن موجب آل پارٽيز ڪانفرنس جي هڪ نڪاتي ايجنڊا عام چونڊن جي تاريخ طئي ڪرڻ آهي، جماعت اسلامي چاهي ٿي ته حڪومت ۽ مخالف ڌر چونڊن لاءِ هڪ تاريخ تي سهمت ٿين، اي پي سي ۾ حڪومت کي آڪٽوبر کان اڳ ۽ تحريڪ انصاف کي مئي کانپوءِ چونڊن لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. هوڏانهن نواز ليگ مان سينيئر اڳواڻن سعد رفيق ۽ اياز صادق کي جماعت اسلامي سان معاملا اڳتي وڌائڻ جو گرين سگنل ڏنو ويو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close