پاڪستانسنڌ

ٽنڊوالهيار ۾ سليمان لنڊ جي وارثن جو انصاف لا احتجاج

ٽنڊوالهيار: ٽنڊوالهيار ۾ 10 ڏينهن اڳ پوليس هٿان مبينا طور مارجي ويل نوجوان جي وارثن انصاف لا احتجاجي مظاهرو ڪيو. جهنڊو مري جي ڊاسوڙي ٿاڻي جي حد ڳوٺ اسماعيل لنڊ ۾ سي آئي اي پوليس هٿان مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان سليمان لنڊ جي گهرواري سياڻي، ڀائرن اسلم لنڊ، غلام محمد لنڊ، خان صاحب لنڊ، اقبال لنڊ ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سليمان لنڊ کي مارڻ کان اڳ پوليس اسان جا گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا، جنهن بعد نوجوان سليمان لنڊ کي کنڀي قتل ڪري ڪوڙو مقابلو ڏيکاريو، هاڻ مٿس ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جيڪو ظلم آهي. هنن چتا ڏنو ته اسان کي سليمان لنڊ جي ڪيس ۾ انصاف نه مليو ته پاڻ کي ساڙي ڇڏينداسين. ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي سي آئي اي ڊي ايس پي اسلم لانگاھه ٻڌايو ته سليمان لنڊ ڏوهاري هو، جنهن پوليس مٿان فائرنگ ڪئي، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هو مارجي ويو، مٿس 18 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن، سندس ٻين ساٿين کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button