پاڪستانسنڌ

ٽنڊوآدم لڳ گذريل ٻوڏ واري بيٺل پاڻي ۾ ڇوڪرو ٻڏي فوت

ٽنڊوآدم: ٽنڊو آدم لڳ ڇوڪرو گذريل سال جي ٻوڏ واري پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو. ڳوٺ حاجي جاني ساند ۾ 16 ورهين جو منصور علي پٽ ارباب ساند گذريل سال جي بيٺل ٻوڏ واري برساتي پاڻي ۾ ٻڏي ويو، ماڻھن کيس بيهوشي جي حالت ۾ ٻاهر ڪڍيو، مقامي ڊاڪٽر ڇوڪري جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جنهن بعد مڙهه گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو. وارثن موجب گذريل سال جي ٻوڏ وارو برساتي پاڻي اڃان تائين تعلقي جهنڊو مري جي ڳوٺن حاجي جاني ساند، بهادر حاجاڻو ۽ پير ذاڪر جو ڪوٽ سميت آسپاس جي ڳوٺن ۽ زمين ۾ بيٺل آھي، جيڪو ضلعي انتظاميا جي وعدن باوجود نڪري ناهي سگهيو، معصوم ٻارن جي ٻڏڻ جا واقعا روز جو معمول بڻيل آھن، اسان جو نينگر به بيٺل برساتي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو. هنن اعلى اختيارين کان گهر ڪئي ته جلد ٻوڏ واري بيٺل برساتي پاڻي کي ڪڍرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button