پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۾ صحافي تي حملي خلاف سڄاڻ ڌرين جو مظاهرو

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ صحافي آزاد لال حسين تي حملو ڪري موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪندڙ پوليس آفيسر صوفي اورنگزيب جي پٽ صوفي وجدان، سيف شاھه ۽ سندس ساٿين خلاف 9 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪاروائي نه ٿي سگهي، جنهن خلاف پريس ڪلب آڏو صحافين، سياسي سماجي اڳواڻن، شاگردن ۽ شهرين مظاهرو ڪيو. مظاهري ۾ صحافين جانب دلواڻي، ولي خان پٺاڻ، وقاص يوسفزئي، ايس يو پي اڳواڻ گل بجير، ش ڀ اڳواڻ ڪامريڊ ڀاڳو مل ميگهواڙ، جساف اڳواڻ بقا راڄڙ، ڀورالال سنڌي، جسم اڳواڻ ماڻڪ سنڌي، غلام شبير ڪنڀر، واحد نهڙي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته صحافي آزاد لال حسين کان ڪجهھ ڏينهن اڳ بااثر ڌرين حملو ڪري موبائل فون ڦر ڪيا هئا، پر پوليس 9 ڏينهن گذرڻ باوجود جوابدارن خلاف ڪارروائي ناهي ڪئي. هنن ايس ايس پي عمرڪوٽ کي اپيل ڪئي ته صحافي تي حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. احتجاج ۾ پ پ اسلام آباد جي انفارميشن سيڪريٽري ڊاڪٽر شهناز سولنگي شرڪت ڪري صحافين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button