پاڪستانسنڌ

ملڪ ۾ هڪ ئي ڏنهن اليڪشن ٿيڻ گهرجي:ضيا عباس

عثمان شاهھ ھڙي: ورڪس ۽ سروسز جي صوبائي وزير ضيا عباس شاهه رضوي چيو آهي ته ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن آزاد شفاف چونڊون ٿيڻ گهرجن، جيڪا به حڪومت عوام جي مينڊيٽ تي ايندي، اها 5 سال تائين جي ٿيندي آھي، پي ٽي آئي پاڻ حڪومت ڇڏي آھي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جهنڊو مري ۾ پيارو لنڊ جي مختلف علائقن ۾ تعمير ٿيندڙ روڊن جي افتتاح ڪندي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته اڄ اسان وٽ 300 ڪلوميٽر تائين روڊن جون اسڪيمون مڪمل ٿي وينديون، جن ۾ 120 ڪلوميٽر روڊ آهن، اهي جون تائين مڪمل ڪنداسين، پارٽي قيادت مون تي اعتماد ڪندي ذميواري ڏني آهي، جنهن کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. تحريڪ انصاف چوي ٿي ته ايندڙ حڪومت اسان جي هوندي، پر نيازي حڪومت کي ڀڄڻ جو موقعو به نه ملندو. ان موقعي تي سندس پٽ ثمر عباس شاھه، مولابخش ٿيٻو، سينيئر نائب صدر پ پ ٽنڊوالهيار محمد صالع ميرجت، تعلقي صدر جهنڊو مري اميد علي دل، ۔حاجي خالد ٿيٻو ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button