پاڪستانسنڌ

سنجهوري ۾ هاري اڳواڻ جي بازيابي لا بک هڙتال

سنجهورو: سنجهوري ويجهو ڳوٺ جعفر خان لغاري مان نامعلوم ماڻھن هٿان کنڀي گم ٿيل هاري اڳواڻ منظور لغاري جي بازيابي لا سندس وارثن ۽ مقامي ڳوٺاڻن پريس ڪلب سنجهورو اڳيان قائم ڪيل بک هڙتالي ڪئمپ تي ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي بک هڙتال ڪئي، جنهن دوران وارثن ۽ رهواسين زبردست نعريبازي ڪئي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻ عالم خان لغاري، خير محمد لغاري، نواز علي لغاري، وارث لغاري ۽ ٻين صبح جو 9 وڳي کان وٺي شام 4 وڳي تائين بک هڙتال ڪئي. هنن ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته هاري اڳواڻ منظور لغاري کي کنڀي گم ڪرڻ کي 4 ڏينهن گذري چڪا آھن، پر اڃا تائين پوليس ۽ انتظاميا ڪوبه عملي قدم نه کنيو آھي، اسان جو متحرڪ همراهه گم ڪيو ويو آھي، پوليس ان معاملي تي ايڪشن وٺڻ بدران ميڊيا آڏو تاثر ڏئي رهي آھي ته واقعو هٿرادو ڊرامو آھي، جنهن سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پوليس منظور لغاري کي کنڀي گم ڪرڻ واري واقعي جي ڪهڙي شفاف ۽ ميرٽ تي جاچ ڪندي. هنن سماجي ڌرين، قومپرست اڳواڻن ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي هاري اڳواڻ منظور لغاري کي کنڀي گم ڪرڻ واري معاملي تي ساٿ ڏيڻ جي اپيل ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button