اسلام آبادپاڪستانعالمي

آمريڪا ۽ چين سان لاڳاپا،وزيراعظم ۽ حنا رباني جي رڪارڊنگ ليڪ

واشنگٽن :وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ هڪ مددگار جي پرڏيهي پاليسي معاملن بابت اهم ڳالهه جي رڪارڊنگ ليڪ ٿي وئي آهي. ڊسڪورڊ ليڪس دستاويزن ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ حنا رباني کَر جي آمريڪي لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه سامهون آئي آهي. آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ موجب پاڪستاني وزيراعظم شهباز شريف جي ڳالهه ٻولهه روس يوڪرين تڪرار تي يو اين ووٽنگ بابت آهي. هڪ صلاحڪار وزيراعظم کي مشورو ڏنو ته قرارداد جي حمايت سان پاڪستان جا روس سان واپار ۽ توانائي کي خطرا ٿي سگهن ٿا ۽ قرارداد جي حمايت پاڪستان جي پوزيشن ۾ تبديلي جو تاثر ڏيندي.ليڪ دستاويزن موجب حنا رباني کر چيو آهي ته پاڪستان کي اولهه کي خوش ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، پاڪستان جي آمريڪا سان اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ قائم رکڻ جي خواهش چين سان اصل اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جي مڪمل فائدن جي قرباني ڏيندي. واشنگٽن پوسٽ موجب پاڪستاني اختيارين اهڙن دستاويزن تي ڪو به تبصرو ڪرڻ کان نابري واري آهي. آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ جي رپورٽ آمريڪا جي يوڪرين جنگ تي گهٽ ٿيندڙ عالمي حمايت بابت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button