سنڌ

ٿر کي ترقي وٺرائڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي:ٿر فيسٽول

سنڌ جي زرعي ماهرن، سائنسدانن ۽ سماج سڌارڪن چيو آهي ته ٿر بيابان نه پر وسيلن سان شاهوڪار آهي، ٿر ۾ موجود زراعت ۽ جيوت تي اڃان تحقيق ئي ناهي ٿي، وسيلن سان مالا مال ٿر جي ثقافت ۽ هٿ جو هنر دنيا ۾ پاڪستان جي ثقافتي سڃاڻپ جو اهڃاڻ بڻيل آهي، ٿر جو ڪوئلو، چيني، نامياتي ميوا، ڀاڄيون، قالين ۽ دستڪاري کي گهرو صنعت جو درجو ڏيارڻ ۽ ٿر کي ترقي وٺرائڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي. سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ ٿر اسٽوڊنٽس ڪائونسل ۽ اسٽوڊنٽس ٽيچرس انگيجمينٽ پروگرام جي ميزباني هيٺ “پهريون ٿر فيسٽول” منعقد ڪيو ويو، جنهن جي صدارت سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري ڪئي، ان موقعي تي مک آڊيٽوريم هال ۾ منعقد ڪيل افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري چيو ته ٿري نياڻين کي تعليم ۽ تحقيق طرف آڻڻ جو ماحول پيدا ٿيڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button