سنڌ

ڪراچي ۾ افغانين ۽ ٻين پرڏيهين کي تحفظ ڏنو پيو وڃي:اياز پليجو

قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي چيو آھي ته پيپلز پارٽي حڪومت لاڙڪاڻو، سکر، حيدرآباد، بدين، ٽنڊو محمد خان ۽ ٻين شھرن ۾ عدالتي حڪم جو جواز ڄاڻائي ھزارين گھر ۽ ڳوٺ مسمار ڪري ڇڏيا، ڪنھن کي به ھڪ روپيا معاوضو نه ڏنو، اھي ھزارين خاندان اڄ به بي يارومددگار آھن. اھي رڙيون ۽ ڪوڪون ڪري رھيا آھن پر حڪمرانن کي ٻڌڻ ۾ نٿيون اچن. ڪراچي ۾ بلڊر مافيا جي سرپرستي ڪري افغانين، بنگالين، بھارين ۽ ٻين پرڏيھين کي تحفظ ڏنو پيو وڃي. عدالتي حڪم باوجود غير قانوني ھائوسنگ اسڪيمن کي ختم نٿو ڪيو وڃي. حڪومت جا وزير غير قانوني اسڪيمن ۽ غير قانوني پرڏيھين جو تحفظ ڪري رھيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو ته سرداري ۽ جاگيرداري نظام سنڌ جي ماڻھن کي غلام ڪري رکڻ لا آھي. سرداري ۽ جاگيرداري نظام عوام جو قاتل نظام آھي. جمھوريت دشمن نظام آھي. انساني آزادين کي قيد ڪندڙ نظام قبول ناھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button