سنڌ

رنگريز سنڌ جي قدآور شخصيت هو،بااصول انسان هو:مريم مجيدي

سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي ڊاڪٽر اين اي بلوچ هال ۾ سنڌي ٻوليءَ جي مشهور شاعر، محقق ۽ ڪالم نويس غلام حسين رنگريز جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ٿيو، جنهن کي خطاب ڪندي ناليواري شاعره مريم مجيدي چيو ته غلام حسين رنگريز سنڌ جي قداور شخصيت هو، هو شروع کان بااصول انسان هو، سنڌ ۽ سيد سندس مقصدن جو بنيادي حصو رهيا. سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد علي مانجهي چيو ته غلام حسين رنگريز سنڌي ٻولي جو تمام خوبصورت شاعر، نثر نگار، مترجم ۽ بهترين استاد رهيو، استاد جي حيثيت ۾ رنگريز وقت جو تمام پابند، پڙهائڻ جو ماهر، هو نه فقط نصاب پر هر معاملي تي هر شاگرد کي سرگرم رکڻ وارو استاد هو. هن چيو ته غلام حسين رنگريز طبيعت جي حوالي سان تمام نفيس انسان هو، ساڻس ملڻ وارو هر ماڻهو سندس رنگن ۾ رنگجي ويندو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button