سنڌ

شهيد الطاف جسڪاڻي جي پهرين ورسي،مختلف شهرن ۾ تقريبون

ايس ٽي پي جي وائيس چيئرمين شهيد الطاف جسڪاڻي جي پهرين ورسي جي موقعي تي مختلف شهرن ۾ تقريبون ڪوٺائي ڏيئا ٻاري ڀٽا پيش ڪئي وئي. ان ڏس ۾ حيدرآباد ۾ ترقي پسند ھائوس تي تقريب ٿي، جنهن ۾ نصرت حسين چنا، غلام محمد رند، ڊاڪٽر صفدر سومرو، اعجاز سنڌي، رستم لاشاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اهڙي ريت نوابشاهه، سرهاڙي، گھوٽڪي، ٽنڊو محمد خان، جيڪب آباد، بلڙي شاهه ڪريم، سڪرنڊ، ڪراچي ۾ ڪارڪنن تصويرن آڏو ڏيئا ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي، جڏهن ته ٽنڊو الھيار ۾ گوتم چنا، نثار ڪيريو، جلال شاهه جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن شھيد جي مزار تي حاضري ڀري ۽ شھادت واري ھنڌ تي ڏيئا ٻاري شھيد کي ڀيٽا ڏني. هوڏانهن مک جلسو اڄ ٽنڊوالھيار ۾ ٿيندو، جنھن جي صدارت ڊاڪٽر قادر مگسي ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button