سنڌ

“50 هزار تي 10 لک ڏيڻ باوجود وياجي تنگ ڪن ٿا” سوڀيديري ۾ احتجاج

سوڀوديرو ويجهو ڳوٺ ڪينجھر جي رھواسي عورتن امينت مڱڻيجو، شڪيلا، غلام الله مڱڻيجو بااثرن خلاف احتجاج ڪيو. امينت خاتون الزام ھڻندي چيو ته پنھنجي مڙس غلام رسول مڱڻيجو سان گڏ ڊاڪٽر ڏي وڃي رھيا ھئاسون ته بااثر نعمت مڱڻيجو، ڪريم بخش، تاج محمد، خالد، معشوق ۽ سرفراز وارن اسان مٿان فائرنگ ڪئي ۽ وياج جي پئسن ۾ منھنجي مڙس غلام رسول مڱڻيجو کي ڌڪ ھڻي رتورت ڪري ڊوڙائي ڊوڙائي اغوا ڪري ويا، اھڙو واقعو علائقي جي ڪيترن ئي ماڻھن ڏٺو آھي، بااثر وياجين کي اسان 50 ھزار عيوض مال ملڪيت نياڻيون وڪڻي ڏھه لک ڏئي چڪا آھيون اڃان به چار لک وياج گھرن پيا، گذريل ڪيتري عرصي کان وٺي پئسي جي زور تي اسان سان ظلم ڪندا رھن ٿا پر اسان غريبن جي ڪيربه مدد ڪرڻ وارو نه آھي. هن چيو ته اسان عدالت ۾ به درخواست ڏني ھئي، جتي نه آيا، اسان جي موٽرسائيڪل سوڀوديرو ٿاڻي تي بيٺل آھي، باقي منھنجو مڙس غلام رسول مڱڻيجو گم آھي، پوليس چوي ٿي اسان وٽ نه آھي، هن اپيل ڪئي ته منھنجي مڙس کي آزاد ڪرائي وياجين خلاف قدم کڻي تحفظ ۽ انصاف ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button