سنڌ

ڏير دٻا ۾ اچي بيان ڏنو آهي،ڄام ڪريم ناظم جو قاتل آهي:شيرين جوکيو

شَھيد ماحوليات نَاظم جُوکيو جي بيواهه شيرين جوکيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڏير افضل جوکيو جيڪو ڪيو آھي، اھو صحيح ناھي. ھن دٻاءُ ۾ اچي بيان ڏنو آھي، ڄام ڪريم جوکيو کي گرفتار ڪيو وڃي، اهو ناظم جو قاتل آھي. ھن چيو ته مون کي ڀلي ڄام ڪريم بجار گوليون ھڻائي مارائي ڇڏي. آئون پنھنجي جاني کي انصاف ڏيارڻ لاءِ وڙھنديس، ان کي قطعي معاف نه ڪنديس. ھن چيو ته مون کي ذاتي طور خبر آھي ته سردارن جو افضل تي وڏو دٻاءُ آھي، ان جي شاھد آھيان. ھن پنھنجي ڏير افضل کي ميار ڏيندي چيو ته تو صحيح ناھي ڪيو، پاڻ ھٿ سان وٺي وڃي ڄام ڪريم جي حوالي ڪري آئين ۽ وري بيان به ڦيرائي ورتو. هن چيو ته ناظم جي ما ۽ آئون خاموش نه رهنداسين، انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button