سنڌ

لطيف يونيورسٽي جي شاگردياڻين جو بسون نه ملڻ خلاف احتجاج

شاھه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور جي شاگردياڻين پنوعاقل، روهڙي ۽ سکر لاءِ پوائنٽ بسون نه ملڻ خلاف مين گيٽ آڏو يونيورسٽي جو مک دروازو بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي تانيه شيخ، سارا ڪلوڙ، عائشه، ثنا، انم ۽ ٻين شاگردياڻين چيو ته پنوعاقل، روهڙي ۽ سکر شهر مان سوين شاگردياڻيون يونيورسٽي پڙهڻ لاءِ اچن ٿيون، جن کي پوائنٽ بس جي سهولت ناهي ڏني وئي، جڏهن ته اسان کان يونيورسٽي سالياني پوائنٽ بس جي فيس پڻ وصول ڪري ٿي، ان باوجود اسان کي پوائنٽ بس نٿي ڏني وڃي، ڪيترا ڀيرا احتجاج ڪيا پر هر ڀيري يونيورسٽي انتظاميا ٺلها آسرا ڏئي پنهنجي ڪيل واعدن تان ڦري وڃي ٿي، هنن مطالبو ڪيو ته سکر، روهڙي ۽ پنوعاقل ۽ ٻين علائقي لاءِ شاگردياڻين کي پوائنٽ بسون ڏنيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button