سنڌ

ڊاڪٽر انور لغاري قتل جي جاچ لڪل هٿ روڪرائين ٿا:جلال محمود شاهه

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي شهيد اڳواڻ ڊاڪٽر انور لغاري جي ڇهين ورسي ڪالهه قاسم آباد ۾ ملهائي وئي، ورسي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو ته پارلياماني مورچو به سنڌ جي قومي حقن جي تحفظ جو هڪ رستو آهي، حڪمران جماعت سنڌ جي زمين وڪرو ڪرڻ کانپوءِ ماڻهن جي کاتن جي زمينن تي قبضي ڪري رهي آهي، نوابشاهه ۾ کاتيدارن جا کاتا تبديل ڪري قبضا ڪيا پيا وڃن، اسان متاثر ماڻهن سان گڏ هونداسين. ڊاڪٽر انور لغاري جي خون جا پيرا کڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، ٽن آءِ جيز تائين ڳالهه پهتي آهي پر جاچ کي لڪل هٿ روڪرائين ٿا. اسان قانوني رستا اختيار ڪيا آهن. هن چيو ته ڊاڪٽر انور لغاري ئي هو جنهن اسان کي چيو ته بلدياتي چونڊن ۾ اسان جا ڪارڪن حصو وٺن، وري بلدياتي چونڊون ٿيڻ واريون آهن، ڊاڪٽر انور جي ساڳي راهه تي هلون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button