سنڌ

شهريار شر جي ڀائيٽي فيڪٽري تي قبضو ڪيو: وجي ڪمار

ڏهرڪي ۾ هندو پنچائت جي اڳوڻي مکي نامون مل لنڊ جي ڀاءُ وجي ڪمار عرف ڪاڪو رام ميڊيا وٽ پهچي احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته منهنجي ڀاءُ نامون مل لنڊ جي 40 سالن کان ريتي شهر ۾ ڪاٽن فيڪٽري آهي، زمين جي ڪجهه حصي تي ڏيڍ مهينو اڳ پلاٽنگ شروع ڪئي ته ايم پي اي شهريار خان شر جي ڀائٽي شعيب خان شر اهو چئي ڪم بند ڪرايو ته منهنجو فيڪٽري جي زمين ۾ حصو آهي، جنهن بعد شر برادري جي معزز ماڻهن جي وچ ۾ پوڻ تي شعيب شر زمين مان حصي جي دعوى ڇڏي ڏني. هن چيو ته شعيب شر گذريل ڏينهن پنهنجي هٿياربندن ساڻ ڪاٽن فيڪٽري تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آفيس مان فيڪٽري جا ضروري ڪاغذ، چيڪ بڪ ۽ ٻه لک رپيا روڪ رقم کڻي ويو، ايس ايس پي گهوٽڪي جي حڪم تي ريتي پوليس ڪارروائي ڪندي ڪاٽن فيڪٽري تي قبضو ڪندڙن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو، جن کي پڻ بااثرن جي مداخلت تي پوليس آزاد ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته شعيب خان شر چيڪ بڪ چوري ڪرڻ بعد هاڻ نامون مل لنڊ جي ڪوڙي صيح سان 12 لکن جو ڪوڙ چيڪ سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيو آهي ته منهنجا نامون مل لنڊ ڏانهن 12 لک رپيا رقم رهيل آهي، جيڪو ڪوڙو ۽ من گهڙت آهي. هن چيو ته معاملي جي جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي. رابطو ڪرڻ تي شعيب خان شر چيو ته نامون مل لنڊ پلاٽنگ لاءِ مونکي ڀائيواري ڏني، جنهن بعد مون دڪانن جي ڊي پي سي سميت ٻي ڪم تي 12 لک خرچ ڪيا، نامون مل ٻي ڀائيوار ارشاد قاضي جي چوڻ تي مونکي پلاٽنگ ۾ ڀائيواري ڏيڻ کان انڪار ڪيو، جنهن بعد سندس برادري جي چڱن مڙسن پاران ڪيل فيصلي ۾ منهنجي نامون مل ڏانهن 12 لک رقم ظاهر ٿي، جيڪا نامون مل پاران وقت تي ادا نه ڪرڻ تي رقم جي واپسي ٿيڻ تائين پلاٽنگ جو ڪم بند ڪرائي پنهنجا ماڻهو ويهاريا. هن چيو ته جيستائين رقم نه ملندي ته پلاٽنگ جو ڪم ٿيڻ ڪونه ڏيندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button