اسلام آباد:عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي پاڪستان لاءِ نظرثاني مشن جي سربراهه نيٿن پورٽر جو چوڻ آهي ته پاڪستان سان نائين جائزي تي مسلسل ڪم ڪري رهيا آهن ۽ نائين جائزي جي ڪاميابي کانپوءِ پاڪستان سان اسٽاف سطح جو معاهدو ٿي سگهي ٿو. نائين اقتصادي جائزي تي پاڪستان سان جاري ڳالهين تي هڪ بيان ۾ پاڪستان لاءِ آءِ ايم ايف جي نظرثاني مشن جي سربراهه نيٿن پورٽر وڌيڪ چيو ته هو نائين جائزي تي پاڪستان سان ڪم جاري رکي رهيا آهن، جائزو مڪمل ڪرڻ لاءِ ضروري سڌارن جو جائزو ورتو پيو وڃي. هن چيو ته نائين جائزي جي ڪاميابي کانپوءِ پاڪستان کي گهربل فنانسنگ جاري ڪئي ويندي ۽ نائين جائزي جي ڪاميابي سان عملي سطح تي معاهدو طئي ٿي ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close