اسلام آبادپاڪستان

افغانستان مان دهشتگردي اسان لاءِ ريڊ لائن آهي:بلاول ڀٽو

اسلام آباد : پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته افغانستان مان دهشتگردي اسان لاءِ ريڊ لائن آهي، افغانستان جا وسيلا ان جي عوام جي ڀلائي لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجن، افغانستان جو استحڪام خطي جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ اڻٽر آهي. ڪالهه اسلام آباد ۾ پاڪ چين اسٽريٽيجڪ ڊائلاگ جو چوٿون دور ٿيو، جنهن جي گڏيل صدارت پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ چيني پرڏيهي وزير چن گانگ ڪئي. ان کان پوءِ چيني هم منصب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چيني پرڏيهي وزير سان اهم معاملن تي ڳالهيون ٿيون، پاڪستان ۽ چين جي دوستي کي 70 سال ٿي چڪا آهن، پاڪستان ۽ چين ۾ ڀائيواري اهم آهي، ڳالهين ۾ طئي ٿيو ته پاڪستان ۽ چين لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪندا. هن چيو ته چين ڪشمير سميت هر معاملي تي پاڪستان جي حمايت ڪئي ۽ پاڪستان ون چائنا پاليسي جي حمايت ڪري ٿو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۽ گڏيل دلچسپي جا لاڳاپا آهن، سي پيڪ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اهم منصوبو آهي.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته افغانستان مان دهشتگردي اسان لاءِ ريڊ لائن آهي، افغانستان جا وسيلا ان جي عوام جي ڀلائي لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجن، افغانستان جو استحڪام خطي جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ اڻٽر آهي، پرامن افغانستان بابت ٻئي ملڪ متفق آهن. جڏهن ته گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چين جي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جو هي پهريون دورو آهي، پاڪستان آمد کان پوءِ هن جي صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ٿي ۽ ان کي چين جي صدر جو پيغام پهچايو. هن چيو ته ڳالهين ۾ چين پاڪستان لاڳاپن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. چين ۽ پاڪستان پراڻا دوست ملڪ آهن. ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل لاڳاپا ۽ دوستي قيمتي اثاثو آهي. هن چيو ته چين پاڪستان جي خودمختياري ۽ قومي وقار سميت هر قسم جي حمايت جاري رکندو. چين جي حمايت تي پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته گذريل ڪجهه سالن دوران ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري آئي آهي. گذريل سال پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جو دورو ڪيو هو. هن چيو ته هن پاڪستان ۽ چين جي پرڏيهي وزيرن جي چوٿين اسٽريٽجڪ ڊائلاگ ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان سڀني معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پاڪستاني پرڏيهي وزير کي چين جي دوري جي دعوت پڻ ڏني آهي. هن سي پيڪ ۾ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. ٻئي ملڪ زراعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ توانائي سميت ٻين شعبن ۾ به سهڪار کي هٿي وٺرائيندا. بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چين جي شهرين جي سيڪيورٽي بابت آگاهه ڪيو. چين جي پرڏيهي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اڏامون مڪمل طور تي بحال ڪيون ويون آهن. دره خنجراب کي به کوليو ويو آهي. ٻنهي ملڪن وچ م ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي چين جو نائب پرڏيهي وزير، پرڏيهي معاملن بابت مملڪتي وزير حنا رباني کر، پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ۽ پرڏيهي وزارت جا ٻيا اعليٰ عملدار موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button