پاڪستانسنڌ

سرهاڙي ۾ وڏيري اسڪول بند ڪرائي ڇڏيو، چوڪيدار کي مارڪٽ، احتجاج

سرھاڙي: سرھاڙي لڳ يوسي حسن جمالي جي ڳوٺ وسايو جمالي ۾ مڊل بوائز اسڪول ۽ مين پرائمري گرلس اسڪول کي بااثر وڏيري پاران تالا هڻڻ ۽ نامعلوم هٿياربندن طرفان چوڪيدار کي مارڪٽ ڪرڻ جو ضلعي انتظاميا توڙي تعليم کاتي نوٽيس نه ورتو. اسڪول بند ٿيڻ سبب سوين شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم کان محروم ٿي ويون آهن. ان سلسلي ۾ شاگردن ۽ ڳوٺاڻن اسلم جمالي، جاويد جمالي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته چوڪيدار جي بدلي ٿي اچڻ تي گرلس پرائمري ۽ ايليمينٽري اسڪول کي تالا هڻي ٻئي اسڪول بند ڪيا ويا آهن، ڪجھه ماڻھن ھٿيارن جي زور تي گرلس پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿي بدلي ٿي آيل چوڪيدار کي مارڪٽ ڪئي. چوڪيدار، شاگردياڻين ۽ شاگردن وڌيڪ چيو ته بااثر وڏيري غلام محمد جمالي ۽ تعليم کاتي جي من جمالي زبردستي اسڪول بند ڪرائي ڇڏيو آھي. ٻئي طرف گرلز اسڪول وسايو جمالي جي چوڪيدار عيدن جمالي رابطو ڪرڻي تي صحافين کي ٻڌايو ته منھنجا 2 معصوم ٻار ٿيليسيميا جي مرض ۾ مبتلا آھن، جن کي ھر 15 ڏينھن ۾ رت لڳندو آھي، پنھنجي معصوم ٻارن جي علاج لاءِ پريشان آھيان، منهنجي بدلي گرلس اسڪول ۾ ٿي ته بااثر ماڻھن ناراض ٿي مون تي حملو ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ۽ ڌمڪيون ڏنيون، وڏيري اسڪول کي تالا لڳرائي بند ڪرايو آھي. ھنن تعليم کاتي جي صوبائي وزير ۽ ڪمشنر شھيد بينظيرآباد کان گھر ڪئي ته اسڪول بند ڪرائيندڙ بااثر ماڻھن خلاف قدم کڻي اسڪول کولرائي مون سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button