اسلام آباد ؛سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان ملڪ دشمني جو پرڏيهي ايجنٽ آهي، جنهن شهباز شريف جي عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ۽ چيني پرڏيهي وزير جي پاڪستان جي دوري کي ڏسي افراتفري جو مطالبو ڪيو آهي. فارن ايجنٽ جو بيان ٻڌي لڳي ٿو، ته فارن ايجنٽ وزيراعظم شهباز شريف جي برطانوي بادشاهه سان ويڊيو ڏسي ورتي آهي، ملڪي مسئلن جو حل اهو آهي، ته تون جيل ۾ وڃ ۽ ملڪ خلاف سازش، ڪوڙ ۽ چورين تي توکي سزا ٿئي. ڪالهه عمران خان جي بيان تي رد عمل ۾ هن چيو ته تنهنجو شر، زهر، غليظ ذهنيت، معاشري ۾ عدم برداشت ۽ تشدد پيدا ڪري رهيو آهي. ملڪ کي تو جهڙي فراڊ، فتنه، فساد، ڏڦيڙ پکيڙيندڙ جو نه، ماني، روزگار ۽ ڪاروبار گهرجي. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪٽرپڻي وارا روئين جو سبب تون آهن، جنهن ڪري اڄ جٿان هٿان ماڻهن جو قتل ٿي رهيو آهي، هندستان ڪڏهن ڪشمير ڪڏهن اسلام تي گهٽيا سياست ڪندو آيو، ۽ اڄ به ڪري رهيو آهين. هن چيو ته مودي جي ڪاميابي جون دعائون گهرندڙ جون ڳالهيون ٻڌو؟ بي شرم فارن ايجنٽ فتنه، فساد ۽ ڏڦيڙ جي سڏ صرف چين جي پرڏيهي وزير کي ڏسي ڏني آهي. هن چيو ته سي پيڪ تي ڪم تيز ٿيندي ئي فارن فنڊڊ ايجنٽ کي چريائپ جا دورا پئجي ويا، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو ڪامياب دورو ڀارت ۽ ڀارتي پرڏيهي وزير کي جواب کان پوءِ عمران مڪمل چريو ٿي ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف برطانيه جي بادشاهه سميت عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪري رهيو آهي. شهباز شريف ڇا ڪري رهيو آهي، تون ڏسي نٿو سگهين ڇاڪاڻ ته تنهنجي مٿي تي ڪاري بالٽي پاتل آهي. ملڪ ۾ عدم برداشت پکيڙڻ سبب اڄ پاڪستان اندر جٿان قاتل بڻجي ويا آهن. هن چيو ته تون 2013ع کان احتجاج ۽ روڊن تي روئي رهيو آهين. مستقبل ۾ به اهڙي طرح روئيندو پٽيندو ئي رهندي. انشاء الله چونڊون ضرور ٿينديون پر هاڻي تون ڪڏهن به سليڪٽ ٿي نه سگهندي، ڇاڪاڻ ته هاڻي سهولتڪار ناهين. مريم اورنگزيب چيو ته روڊن تي نه پر عدالت وڃ.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close