اسلام آبادپاڪستان

ڀارت طرفان بلاول جي بيان کي تشدد سان ڳنڍڻ شرارت آهي:پاڪستان

اسلام آباد :پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته ڀارت پاران پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو جي بيان کي تشدد جي خطري سان ڳنڍڻ شرارت ۽ غير ذميواراڻو عمل آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو جي ڀارت کي والاريل ڪشمير ۾ جي-20 اجلاس سڏائڻ تي مبينا ڌمڪي جي وڊيو تي تبصرو ڪندي چيو ته پرڏيهي وزارت والاريل ڪشمير جي-20 ٽوئرزم ورڪنگ گروپ اجلاس تي پاڪستاني موقف واضح ڪري چڪي آهي. هن چيو ته ڀارت جي دوري ۾ بلاول ڀٽو زرداري ڪيترن ئي موقعن تي يو اين قراردادن مطابق ڪشمير مسئلي جي حل تي زور ڏنو. بلاول ڀٽو جي خيالن کي تشدد جي خطري سان جوڙڻ غير ذميواراڻو آهي. هي تڪرارن کي عالمي ٺهرائن مطابق ڳالهه ٻولهه سان حل جي موقف تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي. پرڏيهي آفيس چيو ته رياستن وچ ۾ حساس معاملن تي رپورٽنگ ڪرڻ وقت صحافتي اصولن جو احترام ڪرڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button