اسلام آبادپاڪستان

پاڪستان ۽ افغانستان جو دهشتگردي جي خاتمي لا قدم کڻڻ تي اتفاق

اسلام آباد (: پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ پرڏيهي وزيرن جي سطح تي ٿيل ڳالهين دوران دهشتگردي جي خاتمي، تجارتي شعبي ۾ سهڪار ۽ معاشي ترقي کي هٿي وٺرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿيون، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، افغانستان جي وقتي پرڏيهي وزير مولوي امير خان متقي جي قيادت ۾ افغان وفد جو پرڏيهي آفيس آمد تي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير جي سربراهي ۾ وفدن جي سطح تي ٿيل ڳالهين ۾ پاڪستان طرفان پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري وفد جي قيادت ڪئي، ڳالهين دوران ٻه طرفن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پاڪ- افغانستان لاڳاپن سميت خطي جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جڏهن ته ڳالهين دوران دهشتگردي جي خاتمي، تجارتي سهڪار، معاشي ترقي کي هٿي وٺرائڻ ۽ بارڊ مئنيجمينٽ ۽ سرحدن تي غيرقانوني چرپر روڪڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button