اسلام آبادپاڪستان

عمران خان ادارن کي بدنام ڪرڻ جي هر حد اورانگهي چڪو،وڌيڪ برداشت نٿو ڪري سگهجي:زرداري

اسلام آباد :پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته عمران خان ادارن کي بدنام ڪرڻ جي هر حد اورانگهي چڪو آهي جنهن کي هاڻي وڌيڪ برداشت نٿو ڪري سگهجي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ادارن کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش عمران خان جو حقيقي چهرو وائکو ڪري ڇڏيو آهي، بس گهڻو ٿيو، پرڏيهي ايجنٽ جي گذريل ڏينهن واري تقرير ٻڌڻ کانپوءِ محب وطن سندس پٺيان هلڻ جو هاڻي سوچي به نٿا سگهن. هن چيو ته هي اهو مُلڪ آهي جتي اسان کي سڀني کي دفن ٿيڻو آهي، اسان عمران خان کي اجازت نه ڏينداسين ته هو اسان جي قدرن ۽ اسان جي مُلڪي سلامتي سان هٿ چراند ڪري. اڳوڻي صدر چيو ته پاڪ فوج جي بهادر ۽ ساکائتن آفيسرن مٿان الزام مڙهڻ حقيقت ۾ ان اداري تي حملو آهي جنهن سان گڏ سمورو مُلڪ بيٺو آهي، عمران خان ڪوڙ ۽ دوکي سان پنهنجن اٻوجهه ڪارڪنن کي بيوقوف بڻائي رهيو آهي، مان سندس زوال ڏسي رهيو آهيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button