پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ لڳ ٿر واهه ۾ وهنجندي 2 دوست ٻڏي فوت

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ويجهو ٿرواھه ۾ وهنجندي 2 دوست ٻڏي فوت ٿي ويا. مقامي ماڻهن وڏي ڪوششن بعد لاش هٿ ڪري ٻاهر ڪڍيا. تفصيل موجب عمرڪوٽ ويجهو ٿرواھه موري وٽ وهنجندي 2 دوست ٻڏي فوت ٿي ويا، جن ۾ جوڻيجا پمپ جو رهواسي تيرٿ پٽ نارائڻ بجير ۽ گلاب چوڪ جو رهواسي سنديپ پٽ سرتو مل ميگهواڙ شامل آهن، اطلاع تي ڳوٺاڻن ۽ مقامي ٽوٻن پهچي ڳولا شروع ڪئي، مقامي ڳوٺاڻن هڪ ڪلاڪ کانپو ٻنهي دوستن کي ٻاهر ڪڍي سول اسپتال عمرڪوٽ آندو، جتي ڊاڪٽرن ٻنهي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، جيڪي گهر آندا ويا ته ڪهرام مچي ويو. ٻئي طرف سماجي اڳواڻ حاجي ساند “سنڌ ايڪسپريس” سان ڳالهائيندي چيو ته گرمين جي موسم ۾ شهري نوجوان واهن ۽ شاخن جو رخ ڪن ٿا، جيڪي ٻڏي فوت ٿي وڃن ٿا. گرمين جي ٻن مهينن لا واهن ۽ شاخن ۾ وهنجڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي، اها انتظامي نااهلي چئبي جو انتظاميا وٽ ٽُوٻا ناهن، جنهن سبب اهڙن واقعن سبب فوتي جي وارثن کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. واضح رهي ته گذريل سال سميت ٿرواهھ ۾ وهنجڻ دوران فوت ٿيندڙن جو هي ٽيون واقعو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button