پاڪستانسنڌ

سياسي ماڻهو منشيات فروشن کي شيلٽر نه ڏين:سنڌڙي ۾ ڪانفرنس

سنڌڙي: سنڌڙي ۾ منشيات کان پاڪ سنڌ جي عنوان ھيٺ سول سوسائٽي ميرپورخاص پاران پريس ڪلب ۾ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ سڄاڻ ڌرين شرڪت ڪئي، جن منشيات جي روڪٿام لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ، سڄاڳي پيدا ڪرڻ ۽ ڪاروايون تيز ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. سياسي، سماجي ۽ مذهبي اڳواڻن واجد لغاري، لالا اظھر پٺاڻ، عبيد بنگلاڻي، ڊاڪٽر اسماعيل شر، منصور خاصخيلي، مولانا شاهنواز فيض، لال بخش خاصخيلي، فدا يار محمد شر، شير محمد درس، مولوي اسحاق نھڙي، جميل لاشاري، اسد شر ۽ ٻين چيو ته منشيات فروشن جي سرپرستي ڪندڙن وٽ منٿ ميڙ قافلي وٺي وڃجي ته منشيات فروشن جي سرپرستي نه ڪريو، سنڌ جو بارڊر ڪراس ڪري ايندڙ منشيات روڪي وڃي، مسجدن مان واضع آگاھي ڏني وڃي ۽ پوليس ڪيس مضبوط داخل ڪري. هنن چيو ته سياسي ماڻھو، صحافي ۽ وڪيل منشيات فروشن کي شيلٽر ڏيڻ بند ڪن. هنن آئي جي کان مطالبو ڪيو ته سيفينا، آداب، زيڊ 21، مين پڙي، گٽڪي، آئيس، شراب ۽ ڪرسٽل سميت هر قسم جي منشيات بند ڪرائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button