پاڪستانسنڌ

ڪي اين شاهه ۾ بند مضبوط نه ڪرڻ ۽ فنڊ نه ملڻ خلاف احتجاجي ريلي

خيرپور ناٿن شاھه: خيرپور ناٿن شاهه ۾ بندن جي مضبوطي ۽ ٻوڏ ۾ ڊٿل گھرن جي تعمير لا گھر گھر سروي جي رقم ڏيڻ ۾ دير خلاف خيرپور ناٿن شاھه پورهيت مزاحمت جي سڏ تي ڪارڪنن ۽ رهواسين ڊگري ڪاليج کان علمدار چوڪ تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، جنھن ۾ پورھيت مزاحمت جي اڳواڻ ڪامريڊ بلاول ڀرڳڙي،ڪامريڊ محمد بچل، ڪامريڊ ماجد، ڪامريڊ اسد نظام چانڊيو، طبقاتي جدوجهد جي ڪامريڊ عيسى چانڊيو، عوامي ورڪرس پارٽي جي ڪاشف چانڊيو، ايس يو پي جي ڪامريڊ غلام محمد گاڏھي، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي فقير علي حسن جانوري، مزدور اڳواڻ وزير گاڏھي، عوامي تحريڪ جي غلام حيدر ملاح، تحريڪ انصاف جي ايڊووڪيٽ شعبان ملاح، عوامي جمھوري پارٽي جي اسحاق گاڏھي، شيعا علما ڪائونسل جي شوڪت جروار، جميعت علما جي حافظ حاجن لغاري، ڌرتي ڌڻي تحريڪ جي ساقي مشتاق چانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته پ پ جي حڪمرانن ٻيون دفعو ڪي اين شاھه جي ڳوٺن سميت شھر کي ٻوڙايو آھي، ماڻھن 2010ع واري مها ٻوڏ سبب وڃي پنھنجا اجھا ٺاھي پنھنجن ٻچڙن سان زندگي گذارڻ شروع ڪئي ته ھنن وري ٻيون ڀيرو ھٿ وٺي شھر کي ٻوڙايو، گذريل سال مئي کان ريڊ ڪريسنٽ جھڙي ساک واري اداري پنھنجي رپورٽ ۾ اڳواٽ ئي خبردار ڪيو ھو ته پاڪستان ۾ خاص ڪري بلوچستان ۾ تمام وڏيون برساتون پونديون، جيڪي تاريخ ۾ رڪارڊ ٽوڙ برسات ھونديون، ان ڪري سرڪار کي اڳواٽ ئي حفاظتي اپاءَ وٺڻ گھرجن، پر سنڌ حڪومت ان تي ڪو به ڌيان نه ڏنو. اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته ھن ٻوڏ جي ذميوار پ پ آھي. سنڌ جي وزيراعلى چيو ھو ته اسان کان ڪجھه غلطيون ٿيون آهن، جنھن ڪري وڌيڪ نقصان ٿيو، اهي غلطيون پنهنجا نوازي طور بندن جا ڪوڙا ٺيڪا ڏيڻ هنيون، ھاڻ ٻوڏ کي 8 مھينا گذري چڪا آھن، ھن سال به موسميات کاتي وڏين برساتن بابت ٻڌايو آهي، ان باوجود شهر کي بچائڻ لا ٺهيل 5 دفاعي بندن جو ڪو ڪم ناهي ٿيو، حڪومتي سستي جي ڪري ايندڙ سال کان 50 سيڪڙو گھٽ برساتون به ڪي اين شاھه تعلقي لا خطرناڪ ثابت ٿي سگھين ٿيون. اڳواڻن قرارداد پيش ڪندي گهر ڪي ته ٻوڏ دوران ايف بي ۽ سپريو بند کي آيل هٿراڌو ڪٽن ۽ ٻوڏ بعد بندن جي مرمت آيل فنڊن جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي. سنڌ حڪومت جلد سمورن دفاعي بندن لا فنڊ جاري ڪري ڪم جون ۾ مڪمل ڪرائي، ڪاري موري کي نئين سري سان تعمير ڪيو وڃي. سپريو ۽ ايف بي بندن کي پٿر جي پيچنگ ڪري مٿي ڪيو وڃي، ان سان گڏ رائيس ڪئنال ۽ خدا واهه جي کاٽي ڪرائي انهن جي بندن کي ويڪرو ڪرڻ سان گڏ مٿي ڪيو وڃي. گهرن جي تعمير لا جلد فنڊ جاري ڪري ٻوڏ ۾ شهيد ٿيل 117 ماڻهن جي وارثن کي معاوضو ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button