پاڪستانسنڌ

اسلام ڪوٽ لڳ ڪرنٽ ۾ 5 ڀينرن جو اڪيلو ڀا فوت

اسلام ڪوٽ:اسلام ڪوٽ ويجهو بجلي جي ٿنڀي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب نينگر فوت ٿي ويو. ٿرڪول بلاڪ ون جي ڳوٺ ڀاوي جو تڙ ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب شاگرد فوت ٿي ويو، چوٿين ڪلاس جو شاگرد عابد ولد عالم خاصخيلي ننگرپارڪر ڏانهن ويندڙ 66 ڪي وي لائين جي پول مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته نينگر ڄار جي وڻ تي چڙهي پيرون لاهي رهيو هو ته مٿان گذرندڙ 66 ڪي وي جي پول جي تارن کيس ڇڪي ورتو ۽ ڪرنٽ لڳڻ بعد هو فوت ٿي ويو. ڳوٺاڻن موجب شاگرد عابد پٽ عالم پنج ڀينرن جو اڪيلو ڀا ھو، سندس ماءُ ٻه سال اڳ فوت ٿي وئي هئي، پيءُ جو به دماغي توازن درست نه آھي، واقعي بعد گهر ۾ ڪھرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button