پاڪستانسنڌ

دادو ۾ پ پ ڪامياب، تحريڪ انصاف ۽ جي يو آئي کي شڪست

دادو:دادو ميونسپل ڪميٽي جي وارڊ نمبر 20 تي پ پ اميدوار احمد سولنگي جي وفات بعد ٿيل مڪاني چونڊ ۾ پ پ اميدوار اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ورتي. غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب وارڊ نمبر 20 تي پ پ اميدوار محمد اقبال عرف ڳاڙهو سولنگي 417 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو. جڏهن ته پي ٽي آئي جي بشيران سولنگي 137 ووٽ حاصل ڪري سگهي، جي يو آئي جي حسين جمالي رڳو 32 ووٽ کنيا. جڏهن ته 8 ووٽن کي خارج ڪيو ويو. ٽوٽل ووٽن جو تعداد 1442 هو، جنهن ۾ صرف 594 ووٽ ڪاسٽ ٿيا، 848 ووٽر پولنگ اسٽيشن تي نه پهتا، 786 مرد ووٽن مان 324 ووٽ ڪاسٽ ٿيا، 656 عورت ووٽن مان صرف 266 ووٽ ڪاسٽ ٿي سگهيا، دادو ۾ سخت گرمي سبب منجهند 2 وڳي کان شام 5 وڳي تائين صرف 75 ووٽ ڪاسٽ ٿيا. مردن ۽ عورتن لاءِ هڪ-هڪ پولنگ اسٽيشن قائم ڪئي وئي، پولنگ اسٽيشن کي انتهائي حساس قرار ڏيندي سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳايون ويون. ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو پولنگ اسٽيشن جو جائزو ورتو. ٻئي پاسي پ پ اميدوار جي ڪاميابي تي جيالا اميدوار سان گڏ ريلي ڪڍي ايم اين اي رفيق احمد جمالي جي بنگلي تي پهتا ۽ کيس هار پارايا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button