پاڪستانسنڌ

جهڏي ۾ پراڻ جي بحالي ۽ سماجي براين خلاف عوامي تحريڪ جي ريلي

جهڏو (ن، سنڌ ايڪسپريس) جهڏو ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن پراڻ ندي جي بحالي لا ۽ بدامني، منشيات ۽ سماجي براين خلاف پيالا هوٽل کان اياز کوسو، سنڌو ڪلوئي، ممتاز کوسو، محب ڀيل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ٽائون ڪميٽي وٽ مين مٺي ميرپورخاص روڊ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ زبردست نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته جهڏو مان گذرندڙ پاڻي جي قدرتي لنگھه پراڻ ڍورو تان قبضا هٽائڻ لاءِ انتظاميا ڪي به قدم نه کنيا آهن، پراڻ ندي تي قبضن سبب شهر ڪيترائي ڀيرا ٻڏي تباهه ٿيو آهي، جڏهن ته نصير ڇنڊڻ تي پڻ بااثرن قبضا ڪري ڇڏيا آهن، جنهن سبب شهر جون اوڀر واريون ڪالونيون ٻڏي تباهه ٿين ٿيون، شهرين پاران بار بار احتجاج باوجود انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل آهي. هنن چيو ته منشيات، گٽڪو، مين پڙي ۽ ڪچو شراب سرعام وڪرو ٿي رهيو آهي، پر پوليس منشيات ۽ منشيات فروشن خلاف ڪاروائي نٿي ڪري، شهر ۾ سرعام فحاشي جا اڏا هلڻ سبب نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي، شهر ۾ بدامني سبب چوريون روز جو معمول بڻيل آهن، پر انتظاميا ڪجهه نٿي ڪري. هنن مطالبو ڪيو ته پراڻ ندي ۽ نصير ڇنڊڻ تان فوري طور قبضا هٽايا وڃن، منشيات توڙي فحاشي جي اڏن خلاف ڪاروائي ڪري شهر ۾ امن قائم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button