پاڪستانسنڌ

عمران خان ڪيس داخل ٿيڻ تي لڪي ويهي رهي ٿو:ضيا عباس

عثمان شاهھ ھڙي: صوبائي وزير ضيا عباس شاهه رضوي عثمان شاهه هڙي جي مختلف علائقن ۾ روڊن جو افتتاح ڪيو. هن ڳوٺ کٻڙ ڇڇر، الهورايو ميرجت لنڪ روڊ، منو خان، عثمان شاهه هڙي، ڳوٺ بهار خان ميرجت ۽ ڳوٺ شڪر ميرجت لنڪ روڊن جو افتتاح ڪرڻ بعد ڪوٺايل عوامي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته هاڻ وقت اچي چڪو آهي اسان کي ووٽ جي طاقت سان بلاول ڀٽو زرداري جا هٿ مضبوط ڪرڻا آهن، عمران خان تي هڪ ايف آئي آر داخل ٿي ٿئي ته هو بالٽي پايو لڪي وڃي ويهي ٿو رهي، چاهيان ٿو ته پنهنجي ضلعي ٽنڊوالهيار کي ماڊل ضلعو بڻايا. هن چيو ته ايشين بئنڪ جي تعاون سان ٽنڊوالهيار لا 14 اسڪول منظور ڪرايا آهن. جلسي ۾ مولا بخش ٿيٻو، پرويز سمون، خادم ميرجت، صالح ميرجت، خان محمد ساند، عمران خان ٻٻر، فدا حسين ٿيٻو، حاجي عابد حسين ٿيٻو، نور محمد نظاماڻي، صفوان اڪرم نظاماڻي، عثمان ڇڇر، حاجي خالد ٿيٻو، حاجي روشن، غلام قادر ٿيٻو، معشوق لنڊ، مير خان عاقلاڻي، غلام بلوچ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button